اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اضافي جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل وزيرن ۽ وزارتن کان رپورٽ گهري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان وجب وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ اٽي جي قيمت حڪومتي اعلان موجب بڻائڻ لاءِ سخت قدمن جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪنهن کي عوام کي لُٽڻ جي ??جا??ت نه ڏينداسين، وزيراعظم چيو ته عوام کي حڪومتي اگهن تي اٽي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃ??. وزيراعظم هدايت ڪئي ته فوڊ سيڪيورٽي، صنعت جون وزارتون ۽ لاڳاپيل کاتا حڪمن تي عملدرآمد جي رپورٽ اڄ ئي پيش ڪن.