ڪراچي – 14 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي ??وري تي ڪراچي پهچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان نيوي جي ??هتمام هيٺ جاري عالمي گڏيل سامونڊي مشقن جو معائنو ڪندو، جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي ??امونڊي فوجن ج?? دستا ??ريڪ ٿي رهيا آهن. هر ٻن سالن کانپوءِ ٿيندڙ انهن مشقن جو بنيادي مقصد سامونڊي ڌاڙيلن، دهشتگردن، منشيات ۽ هٿيار اسمگلرن جي ??لاف موثر گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ آهي. وزيراعظم کي ان سلسلي ۾ بريفنگ ڏني وي??دي. ان موقعي تي وزيراعظم سامونڊي ڌاڙيلن جي ??لاف گڏيل ڪارروائي جو مظاهرو ڏسڻ کانسواءِ ٻين سامونڊي مشقن ۽ پيشيواراڻي مهارتن جو مشاهدو به ڪندو.