اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب دفاع وارو وف??قي وزير خواجه آصف، واپار وارو وف??قي وزير سيد نويد قمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم ??ور??گزيب، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ آهن. آذربائيجان ۾ وزيراعظم جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ٿيندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان آذربائيجان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي.