اسلام آباد– 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خصوصي ۽ والدين جي نعمت سان محروم ٻار تمام گهڻي صلاحيتن جا مالڪ آهن، سمورا ٻار اعليٰ تعلي?? حاصل ڪري ملڪ جي ڀرپور خدمت ڪندا، معياري تعليم جي فراهمي جي لاءِ ڏورا??هن علائقن ۾ دانش اسڪول قائم ڪيا ويندا، عوام کي علاج جي ??هتر سهولتن جي فراهمي جي لاءِ اسلام آباد، بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بتلستان ۾ جديد اسپتالون ٺاهينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي صلاحيتن جي مالڪ ۽ والدين جي نعمت کان محروم ٻارن جي ??عزاز ۾ افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پڻ ??وج??د هئا. وزيراعظم چيو ته کيس خصوصي ٻارن سان ملاقات ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، اڄ جي ??فطار ڊنر جا خاص مهمان هي ٻار ۽ ٻارڙيون آهن ۽ آئون توهان جو ميزبان آهيان. وزيراعطم چيو ته هي ٻار انتهائي ذهين ۽ قابليت وارا آهن جيڪي ايس او ايس ۽ ٻين ادارن ۾ تعلي?? حاصل ڪري رهيا آهن، هتي خصوصي ٻار ۽ ٻارڙيون به ??وج??د آهن جيڪي تمام گهڻا قابل ۽ محنتي آهن، ا??هن جا ارادا بلند آهن، ماءُ پيءُ جي ڇانوَ هجڻ کان وڏي ڪا نعمت نه آهي، جن ٻارن تي ا??هن جي والدين جي ڇانوَ نه آهي ايس او ايس ا??هن جي والدين جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اسان جي پياري نبي ﷺ جڏهن هن دنيا ۾ تشريف آندي ته ا??هن جي والد جي ڇانوَ ا??هن تي نه هئي ۽ جڏهن ا??هن جي ??مر 6 سال هئي ته ا??هن جي والده محترمه پڻ لاڏاڻو ڪري وئي پر اسان جا پيارا نبي ﷺ الله تعاليٰ جا سڀ کان محبوب نبي آهن جن تي وحي جي ??ريعي قرآن ڪريم نازل ٿيو. هن چيو ته هي رمضان المبارڪ جو مهينو آهي ۽ ان جون برڪتون سڀني تي نازل ٿي رهيون آهن، توهان معصوم ٻار آهيو، تعلي?? حاصل ڪري رهيا آهيو، توهان پنهنجي قابليت سان ڊاڪٽرز، انجنيئرز، فوجي ??فيسر بڻجندا ۽ پنهنجي ملڪ جي ڀرپور خدمت ڪندا. وزيراعظم چيو ته مون کي توهان جي ميزباني ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، جيڪڏهن مهمان نوازي ۾ ڪا گهٽتائي رهجي وئي ته معافي جو درخواستگذار آهيان، ??ي وزيراعظم هائوس جو توهان هائوس آهي، توهان تعلي?? حاصل ڪري هڪ ڏي??هن هتي اچي قوم جي ??دمت ڪندا. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ پڻ دانش اسڪول ٺاهيو ويندو، ان کانسواءِ بلوچستان جي ڏورا??هن علائقن، ڪشمير ۽ گلگت ۾ پڻ دانش اسڪول قائم ڪيا ويندا، جتي ٻارن کي تعليم جون سموريون سهولتون مفت حاصل هونديون، خوراڪ، رهائش، يونيفارم ۽ ڪتاب مفت ڏنا ويندا، خصوصي صلاحيتن جا مالڪ سمورا ٻار مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي ڀرپور خدمت ڪندا، توهان جا استاد توهان کي اهڙي تعليم ڏيندا ج??هن سان توهان عظيم پاڪستاني بڻجندا ۽ دنيا ۾ پنهنجي قابليت کي مڃرائيندا. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ مريضن جي ??لاج جي ??ي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ جديد اسپتال ٺا??ي ويندي، اهڙي طرح آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پڻ جديد سهولتن واريون اسپتالون ٺاهيون وينديون، منهنجي ??عا آهي ته الله توهان کي خوش رکي، اهڙي طرح جون ملاقاتون اڳتي به ٿينديون رهنديون. وزيراعظم شهباز شريف هڪ هڪ ٻار وٽ ويو ۽ ا??هن سان پيار ڀرئي انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻارن کان ا??هن جي ??عليمي سرگرمين بابت معلوم ڪيو. خصوصي ٻارن وزيراعظم جي هٿ تي پاڪستان جو قومي جهنڊو پڻ پينٽ ڪيو. وزيراعظم ٻارن کي پاڻ کاڌو پيش ڪيو ۽ ا??هن کي تحفا پڻ ڏنا.