شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معيشت جي ترقي ۾ حڪومت نه پر نجي شعبو پنهنجو ڪردار ??دا ڪندو، حڪومت پاليسي فريم ورڪ فراهم ڪندي ۽ ان جي تسلسل کي يقيني بڻائيندي، ملڪي معيشت جي استحڪام کي پائيدار ??نيادن تي قائم ڪرڻ حڪومت جي بنيادي هدفن ۾ شامل آهي، انتظامي قدمن ۽ ڍانچاجاتي تبديلين جي ڪري پاڪستاني ڪرنسي مستحڪم آهي، وزيراعظم جي ايجنڊا تحت معيشت جي ترقي ۾ حڪومت نه پر نجي شعبو پنهنجو ڪردار ??دا ڪندو، اي??دڙ مالي سال دوران پانڊا بانڊ جاري ڪنداسين، چيني واپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ چين بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مج??وعي معيشت جا انگ اکر مثبت ۽ صحيح رخ ۾ گامزن آهن، هن سال پاڪستان ۾ زراعت جي ترقي جي شرح 6.2 سيڪڙو آهي، مون کي يقين آهي ته وڏي صنعتن جي پيداوار ۽ خدمتن جي شعبي ۾ اهو رجحان جاري رهندو، مالي لحاظ کان استحڪام ۽ نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻايو ويو آهي، پرائمري بيلنس وڌيڪ آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي آئي آهي، پرڏيهي ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هن سال ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هڪ ارب ڊالر کان گهٽ ٿيندو، روانگي واپار ۾ ٽيڪسٽائيل کانسواءِ زراعت ۽ آءِ ??ي جو حصو پڻ وڌي رهيو آهي. هن چيو ته انتظامي قدمن ۽ ڍانچاجاتي تبديلين جي ڪري پاڪستاني ڪرنسي مستحڪم آهي، ڪرنسي مارڪيٽ ۾ قياس آرائين کي گهٽ ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 9 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن جيڪي ٻن مهينن جي روانگي واپار ??ي لاءِ ڪافي آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني معيشت ۾ ناڻي واڌ هڪ حقيقي مسئلو آهي، ناڻي واڌ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچي رهي آهي، گذريل سال ناڻي واڌ جي شرح 38 سيڪڙو هئي جيڪا هلندڙ سال 11 سيڪڙو جي سطح جي لڳ ڀڳ آهي، نه رڳو صارفين جي لاءِ ??يمتن جا انگ اکر پر خوراڪ جي ناڻي واڌ ۾ پڻ گهٽتائي آئي آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان معيشت تي سٺا اثر پوندا، مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن جيڪي پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ڪري رهيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گذريل حڪومت جي دور ۾ اسٽينڊ باءِ ??عاهدي جي ذريعي معيشت جي استحڪام جي لاءِ جيڪو بنياد رکيو هو ان جا ثمر سامهون اچي رهيا آهن، اسان آءِ اي?? اي?? جو 9 مهينن جو پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي، ان سان مج??وعي طور تي معيشت کي فائدو پهتو آهي، حڪومت آءِ اي?? اي?? سان هڪ وسيع ۽ ڊگهي مدي واري پروگرام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي، اسان جي آڏو ٻه سبب آهن جنهن جي ڪري اسان آءِ اي?? اي?? سان آخري ڊگهو ۽ وسيع پروگرام چاهيون ٿا، ان ۾ پهريون سبب مج??وعي معيشت جي استحڪام کي پائيدار ??نيادن تي قائم ڪرڻ آهي، ان تحت مختلف شعبن ۾ سڌارن جو سلسلو جاري رهندو، مج??وعي قومي پيداوار ??ي شرح سان ٽيڪسن جي شرح کي موجوده سطح کان وڌائي 14، 13 سيڪڙو جي سطح تي آندو ويندو، توانائي جي شعبي ۾ بهتري آندي ويندي، توانائي جي شعبي ۾ گورننس ۾ بهتري جو عمل جاري آهي، ان ڏس ۾ نجي شعبي کي شامل ڪيو پيو وڃي، سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ سڌارا پڻ جاري آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب اها پاڪستان جي اندروني ايجنڊا آهي، ان ايجنڊا تحت معيشت جي ترقي ۾ حڪومت نه پر نجي شعبو پنهنجو ڪردار ??دا ڪندو، حڪومت پاليسي فريم ورڪ فراهم ڪندي ۽ ان جي تسلسل کي يقيني بڻائيندي. حڪومت جي مستقبل جي حڪمت عملي جو حوالو ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت روانگي واپار ??ي ٻڌل واڌويجهه تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ اڄ اسان هتي چيني سيڙپڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون، اسان سمجهون ٿا ته خصوصي اقتصادي زونز روانگي واپار ??ي فروغ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪندڙ آهن. ناڻي واري وزير چيو ته سڌي سنئين ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافو به اسان جي ترجيح آهي، شينزن فورم ۾ ٻنهي ملڪن جي حڪومتي ۽ نجي شعبي جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جاري آهي، اسان جي خواهش آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جوائنٽ وينچر ٿئي. هن چيو ته عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ به اسان جو هدف آهي، ماضي ۾ پاڪستان آمريڪي ۽ يورو مارڪيٽ ۾ بانڊ جاري ڪيا هئا، اي??دڙ مالي سال ۾ اسان چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ مان فائدو کڻڻ جو ارادو رکون ٿا، اي??دڙ مالي سال دوران پاڪستان پانڊا بانڊ جاري ڪري رهيو آهي، ان جي ذريعي اسان چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪنداسين جيڪا دنيا جي ٻي وڏي مارڪيٽ آهي. ناڻي واري وزير چيني سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت چين جي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪندي، جيڪي ننڍا مسئلا موجود آهن انهن جي حل کي يقيني بڻايو ويندو.