شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ نجي شعبي جي حوصلا افزائي جي لاءِ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت بزنس ڪانفرنس شينزن منعقد ڪئي وئ??. ش??نزن ۾ پاڪستان چين بزنس ڪانفرنس جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻيون ٿيون، پاڪستان حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ هڪ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو. بزنس ڪانفرنس ۾ هڪ ئي ڇت جي هيٺ پاڪستاني ۽ چيني ڪم??ني?? کي هڪ اهڙو ماحول فراهم ڪيو ويو جو اهي پنهنجي دلچسپي جي شعبن ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهن. پاڪستان مان 120 ڪم??ني?? جي ڪانفرنس ۾ شرڪت جڏهن ته چين جي 500 کان وڌيڪ ڪم??ني?? ۽ ناليواري ڪاروباري شخصيتن جي پاڪستاني ڪم??ني?? سان بزنس ٽو بزنس گڏجاڻيون ٿيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي دوستاڻي لاڳاپن ۽ هڪ ٻئي سان ڪاروبار ڪرڻ جي عزم جو اظهار آهي. معدنيات سولر پينلز جي مينوفيڪچرنگ اليڪٽرانڪس پيٽرو ڪيميڪلز اسٽيل موبائيل فون جي مينوفيڪچرنگ ٽ??ڪس??ائيل چمڙي جي صنعت، سرجيڪل اوزارن،زراعت، اليڪٽرانڪ گاڏين، ڀاڻ ۽ آءِ سي ٽي سميت 13 شعبن ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪم??ني?? گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جو جائزو ورتو.