بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين صنعت، توانائي، زراعت، ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر، ص??ت، ٽيليويزن، فلم سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 23 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون. صحيحن جي تقريب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي وچ ۾ عظيم عوامي هال ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ منعقد ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پڻ موجود هئا. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ جن مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون انهن ۾ فلم ”ڪو – پروڊڪشن“ جو معاهدو، خبرن ۽ اطلاعات جي مٽاسٽا ۽ تعاون جو معاهدو، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ چائنا ميڊيا گروپ جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن، سي پيڪ ۾ ٿرڊ پارٽي جي حصيداري جي حوالي سان ضابطي ڪار، ڊيره اسماعيل خان – زوب قومي رستو 50 جي فزيبلٽي اسٽڊي جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن، مظفر آباد- ميرپور – منگلا اي??سپريس وي جي فزيبلٽي اسٽڊي جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت، مانسهره – چلاس قومي رستو – 15 تي بابوسر واري جڳهه تي ٽنل جي تعم??ر جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن، ڪراچي – حيدرآباد موٽروي – 9 جي حوالي سان فزيبلٽي اسٽڊي، قراقرم هاءِ وي جي ري الائنمنٽ جي مفاهمتي يادداشت، 2022ع ??ي صنعتي تعاون جي فريم ورڪ کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان اي??شن پلان، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ سرويئنگ، ميپنگ ۽ جيو انفارميشن جي حوالي سان پروٽوڪول، زراعت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي مفاهمتي يادداشت، توانائي جي موثر مئنيجمينٽ سسٽم جي حوالي سان اسٽڊي، هڪ هٺيءَ جي خاتمي ۾ تعاون جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت، گورننس جي شعبي ۾ صلاحيت وڌائڻ جي حوالي سان ورڪشاپ جو ليٽر آف انٽينٽ، انڊسٽريل پارڪ جي تعم??ر جي حوالي سان ورڪشاپ جو ليٽر آف انٽينٽ، ستين جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي سي پيڪ تحت صنعتي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي اتفاق جي توثيق، پاڪ چين دوستي اسپتال، گوادر جي حوالگي جو سرٽيفڪيٽ، گوادر ۾ سامونڊي پاڻي کي مٺو ڪرڻ جي پلانٽ جي حوالگي جو سرٽيفڪيٽ، سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن جي ٻيهر تعم??ر جو ليٽر آف اي??سچينج، ليڊي هيلٿ ورڪرز ورڪ اسٽيشن جي منصوبي جو ليٽر آف اي??سچينج ۽ جوناڪو ڪلٽيويشن ڊيمانسٽريشن اينڊ پروجيڪشن جي منصوبي جو ليٽر آف اي??سچينج شامل آهن. معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي پاڪستان پاران منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، بجلي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ صحيحون ڪيون.