اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي جو اجلاس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن بشمول ناڻي واري وزير، نجڪاري واري وزير، واپار واري وزير، بجلي واري وزير، صنعت ۽ پيداوار واري وزير، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير کانسواءِ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جي وفاقي سيڪريٽريز پڻ شرڪت ڪئي. ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي جي اجلاس کي نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع جي سيڪشن 5 (بي) موجب پي سي بورڊ جي سفارشن جي بنياد تي نجڪاري واري وزارت جي ذريعي مرحليوار نجڪاري پرو??را?? پيش ڪيو ويو. نجڪاري پرو??را?? ۾ واپاري جاءِ ۾ فيڊرل فٽ پرنٽ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان کي رڳو اسٽريٽجڪ ۽ ضروري ايس او ايز تائين محدود ڪرڻ شامل آهي. سي سي او پي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته منافعو ڪمائيندڙ ايس او ايز جي پڻ نجڪاري تي غور ڪيو ويندو. نجڪاري جي پاليسي جي رهنما رخن تي غور ڪرڻ کانپوءِ سي سي او پي ايس او اي ايڪٽ ۽ پاليسي جي روشني ۾ تفصيل سان مالي سال 2020ع کان 2022ع ۾ فيڊرل فٽ پرنٽ اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز جي جامع رپورٽ ۾ جهلڪندڙ 84 ايس او ايز تي غور ڪيو. سي سي او پي نجڪاري پرو??را?? (29 – 2024ع) جي لاءِ 24 ادارن جي منظوري ڏيندي فيصلو ڪيو ته نجڪاري پرو??را?? ۾ ٻين ايس او ايز کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪابينا جي رياستي ملڪيتي ڪاروباري ادارن بابت ڪميٽي پاران اسٽريٽجڪ/ضروري ايس او ايز جي در??ابندي جي حوالي سان جائزي جي تڪميل کانپوءِ ڪيو ويندو. جن ادارن کي اسٽريٽجڪ يا ضروري طور تي در??ابندي ناهي ڪئي وئي، انهن کي پرو??را?? ۾ سان جي شموليت بابت فيصلي جي لاءِ سي سي او پي جي سامهون رکيو ويندو. سي سي او پي نجڪاري ڪميشن وٽ پيل او جي ڊي سي ايل جي شيئرز کي خودمختيار دولت فنڊ يا توانائي واري وزارت (پيٽروليم ڊويزن) کي منتقل ڪرڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو. فيصلو ڪيو ويو ته ان و??ت جي لاءِ جمود برقرار رکي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ سي سي او پي مالي سال 25 – 2024ع جي لاءِ ڪميشن جي بجيٽ ڪاٿن جي منظوري ڏني جنهن جي رقم 8169 ملين آهي. چيئرمين اجلاس جي پڄاڻي ڪندي نجڪاري پرو??را?? کي شفافيت، ڪارڪردگي ۽ مڪمل حڪومتي موقف سان لاڳو ڪرڻ جي حڪومتي عزم ج?? ورجاءُ ڪيو. چيئرمين پرو??را?? لاڳو ڪرڻ ۾ سمورين ڌرين جي حمايت ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.