اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان جي تياري، فني مدد ۽ طبي اوزارن جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ بهترين طبي سهولتن سان ??يس اسپتال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس تي جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي ??ي وزيراعظم هدايت ڪئي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي ٽرشري سطح جي جديد اسپتال بڻائي وڃي، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ پوري پاڪستان مان مريضن کي موجوده دور جي جديد گهرجن سان هم آهنگ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون و??ند??ون، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان جي تياري، فني معا??نت ۽ طبي اوزارن جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن. وزيراعظم چيو ته اسان پنجاب ۾ عالمي معيار جي پي ڪي ايل آءِ اسپتال ٺاهي، پي ڪي ايل آءِ تي سياست ڪري ان کي تباهه ڪرڻ جي ڪڌ?? سازش ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي جلد تعمير جي لاءِ قدم يقيني بڻايا وڃن، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير ۾ تعاون تي آغا خان فائونڊيشن جي خاص طور تي ٿورائتا آهيون. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي صحت واري ڪوآرڊينيٽر مختار احمد ڀرت ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان ۽ منصوبي جي تعمير جي حوال?? سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي ٽرسٽ ٺاهيو و??ند?? جيڪو اسپتال جي انتظامي معاملن کي ڏسندو. ان ٽرسٽ جو پيٽرن ان چيف وزيراعظم هوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان تي عالمي شهرت يافته آمريڪي ماهر ڪم ڪري رهيا آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آغا خان فائونڊيشن پڻ ڪمپليڪس جي حوال?? سان فني معا??نت فراهم ڪري رهي آهي. اجلاس کي منصوبي جي تعميري لاڳت ۽ مقرر مدي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ بهترين طبي سهولتن سان ??يس اسپتال ٺاهي وڃي. وزيراعظم منصوبي ۾ شفافيت جي عنصر کي خاص اهميت ڏيڻ ۽ منصوبي کي گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي حوال?? سان هدايتون جاري ڪيون.