اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محسن نقوي ۽ انوار الحق ڪشمير جي يوم استحصال جي ڏهاڙي تي ڀارت جي غيرق??نو??ي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪي??. ٻنهي اڳواڻن ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع واري غيرق??نو??ي قدمن جي سخت مذمت ڪئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي ق??نو??ن جي سرعام ڀڃڪڙي ڪندي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) جو خاتمو ڪري ڪشميرين جو بدترين استحصال ڪي??. گذريل پنجن سالن کان ڀارت جي غيرق??نو??ي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ قلم 144 لاڳو آهي، 5 سالن ۾ هزارين بيگناهه ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن جن ۾ معصوم ٻار، بزرگ ۽ عورتون شامل آهن. هن چيو ته اڄ پوري قوم پرعزم انداز ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهائي رهي آهي. ڏکڻ ايشيا جو جٽادار امن ڄمون ڪشمير تڪرار جي حل سان جڙيل آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ کي دنيا آڏو هندستان جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿيو. ڀارت جي غيرق??نو??ي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ عالمي تنظيمن س??يت عالمي ميڊيا جي داخل ٿيڻ تي پڻ پابندي ??يل آهي. وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جون تنظيمون ڄمون ڪشمير ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم جو تدارڪ ڪن. گهرو وزير محسن نقوي آزاد ڪشمير ۾ امن لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. سندس چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۾ امن لاءِ اڳ ۾ به ڀرپور سهڪار ڪي?? هو. اڳتي به سهڪار جاري رکنداسين. آزاد ڪشمير جي سيڪيورٽي بابت ضرورتن کي پورو ڪي?? ويندو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم امن لاءِ سهڪار تي گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪي??.