سرينگر-04 آگسٽ (اي پي پي) والاريل ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري (اڄ) 5 آگسٽ تي ”يوم استحصال ڪشمير“ طور ملهائيندا، ته جيئن 2019ع ۾ ان ڏينهن بي جي پي پاران هندو پرس?? حڪومت ج?? کنيل غيرقانوني قدمن خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب بي جي پي جي اڳواڻي ۾ ڀارتي ??ڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون جي کليل نموني ڀڃڪڙي ڪندي ڀارتي ??ئين جي آرٽيڪل 370 ??ي ختم ڪندي علائقي کي فوجي ڪڙو چاڙهيو هو. آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي نظربند چيئرمين مسرت عالم بٽ ۽ شبير احمد شاهه ڪشميري عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي 5 آگسٽ کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائين ته جيئن دنيا کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڪشميري ڀارت ج?? ظالماڻن قدمن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي کي تسليم نه ٿا ڪن. حريت اڳواڻن جيل مان پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع والاريل ڄمون ڪشمير جي لاءِ ڪارن ڏهاڙن منجهان هڪ آهي. ه??ن چيو ته 5 سالن جي لاڳيتو فوجي ۽ پوليس ڪڙي، ظلم ۽ ڏاڍ توڙي انساني حقن جي ڀڃڪڙين سڄي علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن کي ڀارت ج?? هندو پرس?? حڪومت هڪ ٽارچر سيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.