اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)ملڪي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ جاري ڪئلينڊر سال دورا?? 1.994 ارب ڊالرز ج?? اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل سال جي پڄاڻي تي مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 12.673 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو، جن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 8.233 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.440 ارب ڊالرز ه??. 16 آگسٽ ت?? ختم ٿيل هفتي ۾ مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 14.667 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.292 ارب ڊالرز ۽ بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.376 ارب ڊالرز ه??. جاري ڪئلينڊر سال جي شروعات کان هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 1.058ارب ڊالرز ۽ بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 936 ملين ڊالرز ج?? اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.