ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب ??زيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي گهر?? وزير محسن نقوي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اط??اع??ت ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪ??ال خان به وزيراعظم سان گڏ آهن. ڪوئيٽا ايئرپورٽ پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق اچڪزئي، صوبائي وزير عبدالرحمان کيتران ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن آجيان ڪئي.