اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بجلي جي شعبن ۾ سڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس ??ي سفارش تي 5 آءِ پي پيز کان بجلي خريد ڪرڻ جي معاهدن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا بجلي جي شعبي ??ي سڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس ??ي سفارش تي 5 آءِ پي پيز کان بجلي خريد ڪرڻ جي معاهدن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن معاهدن کي ختم ڪرڻ سان بجلي صارفين کي 60 ارب رپيا ساليانو فائدو ٿيندو ۽ بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿيندي. مجموعي طور تي ملڪي خزاني کي 411 ارب رپين جي بچت ۽ انهن آءِ پي پيز کي واجب الادا رقم تي ڪنهن به قسم جو وياج نه ڏنو ??ين??و. بجلي جي شعبي ??ي سڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس ۽ انهن آءِ پي پيز جي مالڪن جي وچ ۾ اتف??ق ۽ انهن معاهدن جي پڄاڻي جي عمل جا تفصيل ڪابينا آڏو پيش ڪيا ويا. بجلي خريد ڪرڻ جي معاهدن جي پڄاڻي جي فهرست ۾ حبڪو، صبا پاور، روش پاور، لال پير ۽ اٽلس پاور شامل آهن. انهن آءِ پي پيز مان روش پاور بلڊ اون اپريٽ اينڊ ٽرانسفر معاهدي تحت قائم ڪيو ويو هو، معاهدي موجب ان جي ملڪيت حڪومت کي منتقل ڪرڻ کانپوءِ ان جي پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جي ذريعي نجڪاري ڪئي ??ين??ي. باقي 4 آءِ پي پيز جي ملڪيت انهن جي مالڪن وٽ رهندي جڏهن ته حڪومتي معاهدي کي ختم ڪرڻ کانپوءِ حڪومت پاران ڪنهن به قسم جي ادائيگي نه ڪئي ??ين??ي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪي معيشت استحڪام طرف تيزي سان گامزن آهي. پارٽي جي منشور ۾ عو??مي ريليف جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ جي واعدي کي وفا ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ 5 آءِ پي پيز سان بجلي خريد ڪرڻ جو معاهدو ختم ڪري رهيا آهيون، بجلي صارفين کي ساليانو 60 ارب ۽ مجموعي طور تي ملڪي خزاني کي 411 ارب رپين جي بچت ٿيندي. بجلي جي شعبي ۾ ٻين آءِ پي پيز سان معاهدن تي ترتيبوار نظرثاني ڪري ٽيرف ۾ گهٽتائي آندي ??ين??ي. قائد مسلم ليگ (ن) ميان نواز شريف سدائين چيو، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻي عو??م کي ريليف ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي قائد ميان نواز شريف جي قيادت ۾ عو??مي ريليف ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات محنت کي پنهنجو شعار بڻايو. عو??م ان عرصي ۾ وڏي قرباني ڏني. وقت اچي ويو آهي ته عو??م جي مشڪلاتن جو ازالو ڪيو وڃي. مهانگائي جي شرح 30 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي، 6.9 سيڪڙو تي اچڻ سان عو??م کي ريليف مليو. الله جي وڏي فضل ۽ ڪرم ۽ معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي جو 2025ع جو 7 سيڪڙو جو هدف 2024ع ۾ ئي حاصل ڪيو ويو. 5 آءِ پي پيز مالڪن ملڪي مفاد کي ذاتي مفاد تي ترجيح ڏني ۽ رضاڪاراڻي طور تي انهن معاهدن کي حڪومت سان ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. انهن 5 آءِ پي پيز برسات جي پهرين ڦڙي وانگر عو??مي ريليف جي شروعات ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مون سميت پو??ي ڪابينا انهن آءِ پي پيز مالڪن جي ٿورائتي آهي. هن چيو ته بجلي شعبي ??ي سڌارن جي لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس ۽ وفاقي ڪابينا جا ميمبر ان ڪوشش جي لاءِ ساراهه لائق آهن. تازين گرمين ۾ وف??ق ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ بجلي جي بلن ۾ ريليف ڏنو. عو??م سان ڪيل پنهنجي هر واعدي تي قائم آهيان. سمنڊ پار پاڪستانين پاران پرڏيهي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته گذريل ٽه ماهي ۾ 8.8 ارب ڊالر جو رڪارڊ پرڏيهي ناڻو سمنڊ پار پاڪستانين جي حڪومتي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. پنهنجي محنت جي ڪمائي پاڪستان موڪليندڙ اسان جي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ عظيم پاڪستانين جا ٿورائتا آهيون.