راولپنڊي-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان ڪالهه هتي ملائيشيا جي وز??را??ظم انور ا??راهيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن اسٽريٽجڪ مفادن، علائقائي س??ام??ي ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف ۽ ملائيشيا جي وز??را??ظم جي ملاقات ۾ پاڪستان، ملائيشيا ٻطرفن لاڳاپن خاص ڪري فوجي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ملائيشيا جي وز??را??ظم علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ دهشتگردي سان جنگ ۾ به پاڪستاني فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگردن خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو. ملائيشيا جي وز??را??ظم آرمي چيف کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني جنهن تي آرمي چيف سندس ٿورو مڃيو، جڏهن ته ملاقات ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته دوري سان ٻنهي ملڪن ۽ فوج وچ ۾ پائيدار ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ايوان صدر ۾ ملائيشيا جي وز??را??ظم جي اعزاز ۾ منعقد تقريب ۾ به شرڪت ڪئي.