اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ نياڻين کي بااختيا?? بڻائڻ ۽ انھن کي درپيش مسئلن جي خاتمي لاءِ نياڻين جو عالمي ڏينھن 11 آڪٽوبر تي ملھايو ويو. ان ڏينھن جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري، غير سرڪاري، خانگي ۽ عورتن جي ادارن ۽ تنظيمن جي انتظام ھيٺ مختلف تقريبون ۽ پروگرام منعقد ڪيا ويا ته جيئن عام ماڻھن کي ??ياڻين کي بااختيا?? بڻائڻ ج?? اھميت ۽ انھن جي درپيش مسئلن جي تدا??ڪ جي حوالي سان آگاھي فراھم ڪئي وڃي. نياڻين جو عالمي ڏينھن11 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ ملھايو ويندو آھي. ان ڏينھن کي ??لھائڻ جو بنيادي مقصد نياڻين کي بااختيا?? بڻائڻ سان گڏوگڏ تازين ڄاول نياڻين ج?? اھميت، طاقت ۽ صلاحيت کي تسليم ڪرڻ پڻ آھي. 19 ڊسمبر 2011ع تي گڏيل قومن جي جن??ل اسيمبلي 11 آڪٽوبر تي نياڻين جي عالمي ڏينھن طور ملھائڻ لاءِ ٺھراءُ 170/66 منظور ڪيو ھو.