اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان تنظيم جي ٻين ميمبر ملڪن ۽ خطي جي وسيع تر مفاد تحت تنظيم جي ترقياتي ترجيح?? جي فروغ جي لاءِ سچي دل سان ڪم ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل زانگ منگ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. زانگ منگ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ جي) جي ا??لاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد آيل هو. شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جي جولاءِ 2022ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم اسلام آباد ۾ سندس آجيان ڪئي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس جي انعقاد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم سيڪريٽريٽ پاران پاڪستان کي فراهم ڪيل تعاون تي سندس ٿورا مڃيا. شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر تي پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي خاطري ڪرائي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميمبر ملڪن ۽ خطي جي وسيع تر مفاد جي لاءِ تنظيم جي ترقياتي ترجيح?? جي فروغ جي لاءِ دل سان ڪم ڪندو رهندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايس سي او ميمبر ملڪن سان گڏ تنظيم کي وڌيڪ موثر ۽ مضبوط بڻ??ئڻ جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. وزيراعظم ايس سي او جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان زانگ منگ جي محنت ۽ شاندار خدمتن تي سندس ٿورا مڃيا ۽ سندس مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. زانگ منگ وزيراعظم کي شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس جي ڪامياب انعقاد ۽ ا?? جي مثبت نتيجن تي مبارڪباد ڏني. هن ايس سي او جي سڀني شعبن ۾ پاڪستا?? جي تعميري حصيداري کي ساراهيو ۽ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ چيئر طور پاڪستا?? جي قائداڻي ڪردار تي ا??مينان جو اظهار ڪيو.