اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف مسلمان امت جي اتحاد ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ جي لاءِ مسلم ورلڊ ليگ جي ڪردار کي ساراهيندي رياض ڪانفرنس ۾ شاندار آجيان ۽ تنظيم جي سيڪريٽري جنرل محمد بن ع??دا??ڪريم العيسيٰ پاران سندس لاءِ نيڪ خيالن تي سندس ٿورا مڃيا آهن. ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل محمد بن ع??دا??ڪريم العيسيٰ وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جا مسلم ورلڊ ليگ جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا. هن وزيراعظم محمد ش??با?? شريف سان پنهنجي ملاقات جون تصويرون پڻ شيئ?? ڪيون. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف مسلمان امت جي اتحاد ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ جي لاءِ مسلم ورلڊ ليگ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته هو محمد بن ع??دا??ڪريم العيسيٰ پاران ش??ندار آجيان ۽ پنهنجي بابت سندس نيڪ خيالن تي سندس ٿورا ادا ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات تمام خوشگوار رهي. هن اسلامي اتحاد ۽ سڄي دنيا ۾ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ جي لاءِ مسلم ورلڊ ليگ جي عزم کي ساراهيندي چيو ته اسلام جي حقيقي تصور، امن، همدرديءَ ۽ يڪجهتي جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.