اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ هم آهنگي بابت وفاقي ??زير چوڌري سالڪ حسين سان عراق ۾ پاڪستان جي سفير محمد ذيشان احمد م??اقات ڪئي. وزارت مان جاري بيان موجب عراق ويندڙ زائرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪر?? جي حو??لي سان مختلف قدمن تي خيالن جي مٽا??ٽا ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي ??زير چيو ته زائرين مئنجمينٽ پاليسي وفاقي ڪابينه اپريل 2021ع ۾ منظور ڪئي هئي، پاليسيءَ جو بنيادي مقصد پاڪستاني زائرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. ٻنهي ملڪن جي مذهبي معاملن واري وزارت وچ ۾ ايم او يو جو ڊرافٽ پرڏيهي وزارت ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آهي. وفاقي ??زير زائرين کي سهولت جي فراهميءَ جي حو??لي سان جلد کان جلد عراقي حڪومت سان ايم او يوز صحيح ڪر?? جي هدايت ڪئي، ايم او يو تحت پاڪستاني زائرين کي عراق ۾ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون. وفاقي ??زير ڪربلا ۾ پاڪستان هائوس ۽ وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ جي قيام کي جلد مڪمل ڪر?? جي هدايت ڪندي چيو ته حڪومت زائرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستاني سفير عراق ۾ پاڪستاني ويلفيئر اتاشين جو انگ وڌائ?? جي تجويز ڏني.