ماسڪو-03 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري روس جي ٽرانسپورٽ بابت وزير رومان اسٽارو وائٽ سان ??لا??ات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفن رابطن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. اهي رابطا نه صرف پ??ڪس??ان ۽ روس پر سڄي خطي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿيندا. پاور ڊويزن طرفان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ماسڪو ۾ پ??ڪس??ان روس بين الحڪومتي ڪميشن جي نائين اجلاس جي گڏيل صدارت لاءِ موجود آهن. اويس لغاري پ??ڪس??ان ۽ روس وچ ۾ وڌندڙ سهڪار کي ساراهيندي ان کي پوري خطي لاءِ لاڀائتو قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪ??ر جي سمورن منصوبن جنهن ۾ روڊ، ريل ۽ فضائي رابطن جو جائزو ورتو. وفاقي وزير، روس جي وزير کي پ??ڪس??ان جي دؤري ج?? دعوت ڏني. ٻنهي ڌُرين رابطن کي جاري رکڻ ۽ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.