اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (ا?? پي پي) صدر آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 17هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس شخصيت اميد، سگهه، جمهوريت ۽ انصاف جي اصولن سان پختي وابستگي جو ??جسمو هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ان موقعي تي پنهنج?? پيغام ۾ چيو ته شهيد بي بي اسان سڀني جي لاءِ مشعل راهه هئي، هن هڪ اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو جتي ??نگ، طبقي ۽ مسلڪ کان مٿانهون ٿي سمورن شهرين جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ عوام جي طاقت راڄ ڪندي. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو چيو هو ته ”جمهوريت بهترين انتقام آهي“، اهي لفظ ڏاڍ ۽ آمريت جو ??نهن ٽوڙ جواب ئي نه هئا پر عوامي طاقت تي ??ن جي گهري اعتماد جا عڪاس به هئا. صدر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو هڪ اهڙي پاڪستان جي خواهشمند هئي جتي هر ٻار کي تعليم تائين پهچ حاصل هجي، جتي ??ورتون برابري جي بنياد تي ??رقي ڪري سگهن ۽ جتي ??نصاف هڪ آسائش نه پر حق هجي. صدر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي سموري زندگي معاشري ج?? پيڙهيل طبقن ۽ عورتن جي خودمختياري جي لاءِ آواز بلند ??رڻ ۽ ڪم ??رڻ ۾ لڳائي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي بي پناهه جرئت جو سفر ۽ اسان جي لاءِ تحريڪ ۽ همت جو سبب هئي، مشڪلاتن ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي باوجود جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام ۽ عوام جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي تحفظ جي لاءِ آمريتن جي خلاف ڄميل رهي. صدر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو واضح لفظن ۾ چيو ته ”ناانصافي ۽ ظلم جي خلاف جنگ منهنجي زندگي جي جنگ آهي“. ان مقصد جي لاءِ هوءَ سڄي زندگي وڙهي ۽ شهادت ماڻي ۽ اڄ به لکين ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد بي بي جو ??ختو يقين هو ته ”هڪ انسان کي ??يد ڪري سگهجي ٿو پر هڪ نظريي کي ??ه، هڪ انسان کي جلاوطن ڪري سگهجي ٿو پر هڪ نظريي کي ??ه، هڪ انسان کي ??تل ڪري سگهجي ٿو پر هڪ نظريي کي ??ه.“ صدر چيو ته بطور صدر پاڪستان آئون شهيد بينظير ڀٽو جي هڪ پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري پاڪستان جي ويزن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ??رجاءُ ڪريان ٿو. هن چيو ته شهيد بي بي جو ??ظريو اڄ به زندهه آهي ۽ اسان کي ??ڪ متحد ۽ انصاف تي ٻڌل پاڪستان جي تعمير جي لاءِ اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪم ??رڻ جو درس ڏي ٿو، تنهن ڪري اچو اسان محترمه بينظير ڀٽو جو ??ه رڳو شهادت جو ڏهاڙو ملهايون پر ان جي پائيدار ميراث ج?? پيروي ??رڻ جو ??چن ڪريون. صدر چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ اسان جي خاندان جمهوريت ۽ پاڪستان جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته اهو منهنجو ??ختو يقين آهي ته اسان کي بحيثيت قوم ملڪ کي ??وجوده چئلينجز مان ڪڍڻ جي لاءِ سندس ويزن مان سبق حاصل ??رڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته اچو شهيد بينظير ڀٽو جي هڪ پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري پاڪستان جي خواب جي تڪميل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. صدر چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي ميراث ابدي آهي، سندس همت بي مثال آهي ۽ سندس ويزن اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي.