اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) ڊي آءِ جي اسلام آباد کلي ڪچهري دوران اي پي پي جي مئنيجن?? ڊائريڪٽر جي شڪايت تي فوري ڪارروائي جي خاطري ڪرائي ڇڏي. ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) سيد علي رضا کلي ڪچهري دوران ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجن?? ڊائريڪٽر کي ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار جي خلاف فوري قانوني ڪارروائي جي خاطري ڪرائي. اها ڪچهري عوامي مسئلن جي حل لاءِ صدر، سٽي ۽ ڳوٺاڻي زونز ۾ منعقد ٿي. پ??لي?? ترجمان ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته کلي ڪچهري ۾ چيف ٽريفڪ آفيسر (سي ٽي او) سرفراز ورڪ، ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز شرڪت ڪئي. پ??لي?? ترجمان ٻڌايو ته شهرين ڀرپور شرڪت ڪندي پنهنجون شڪايتون پيش ڪيون جن کي موقعي تي ئي حل ڪرڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون. کلي ڪچهري دوران اي پي پي جي ڊائريڪٽر ڪرائيم اينڊ ڪورٽس رشيد ملڪ انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي کي ڌمڪي ڏيندڙ شخص جي خلاف قانوني ڪارروائي ۾ دير ??ي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته واق??ي کي هڪ مهينو گذري چڪو آهي پر هيستائين ڪا قانوني ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. رشيد ملڪ سوال ڪيو ته جيڪڏهن گادي واري شهر ۾ هڪ سينيئر سول سروس آفيسر محفوظ نه آهي ته عام شهرين جي حفاظت جو ڇا ٿي??دو؟ ڊي آءِ جي سيد علي رضا صحافين جي خدشن تي فوري ڪارروائي جو يقين ڏياريو ۽ ٻن ڪلاڪن جي اندر ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته انصاف ۾ دير ??رداشت نه ڪئي ويندي ۽ اهڙن سنگين مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا ويندا. شرڪت ڪندڙن کلي ڪچهري منعقد ڪرڻ تي ڊي آءِ جي سيد علي رضا کي ساراهيو ۽ ان قدم کي پ??لي?? ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد وڌائڻ ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو. ڊي آءِ جي علي رضا شهرين کي پ??لي?? اسٽيشنز ۾ مسئلن جي رپورٽ ڪرڻ جي ترغيب ڏني ۽ اداري جي بدعنواني جي خلاف سخت ڪارروائي جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پ??لي?? آفيسرن کي ايمانداري ۽ لگن سان ڪم ڪرڻ گهرجي، تڏهن ئي اهي ئي اداري جو حصو رهي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پ??لي?? آفيسون شهرين جي لاءِ چوويهه ڪلاڪ کليل آهن ۽ اداري ۾ ڪرپٽ آفيسرن يا عوامي خدمت ۾ رڪاوٽ بڻجندڙن جي لاءِ ڪا جڳهه نه آهي.