اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته مسلمان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم بابت عالمي ڪانفرنس جو مقصد مسلمان دنيا ۾ عورتن جي معياري تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان ٺوس ڪوششن کي اڳتي وڌائڻو آهي. هن غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ڪرڻ، فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ اسرائيل ج?? و??يع پئماني تي جنگي ڏوهن جي خلاف عالمي احتساب جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان او آءِ سي جي س??ڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف 11 – 12 جنوري 2025ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ مسلمان ملڪن ۾ ڇوڪرين جي تعليم بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي او آءِ سي جي س??ڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته هن ڪانفرنس جو مقصد مسلمان دنيا ۾ عورتن جي معياري تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان ٺوس ڪوششن کي اڳتي وڌائڻو آهي. او آءِ سي جي متحرڪ ڪردار تي او آءِ سي جي س??ڪريٽري جنرل کي ساراهيند?? و??يراعظم تنظيم جي گڏيل ترجيحن ۽ مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان کي مسلمان امت جي گڏيل آواز جي طور تي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ او آءِ سي جي اصولي موقف ۽ مستقل حمايت تي او آءِ سي جي س??ڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا. فلسطين ۾ جاري اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ڪندي هن غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ڪرڻ، فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ اسرائيل ج?? و??يع پئماني تي جنگي ڏوهن جي خلاف عالمي احتساب جي ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي جي س??ڪريٽري جنرل پاڪستان پاران ان جي ۽ ان جي وفد جو شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي ت?? و??يراعظم جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته مسلمان دنيا ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي عالمي ڪانفرنس جو انعقاد مسلمان امت جي لاءِ اهميت ر??ند?? مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جو مثال آهي. سيڪريٽري جنرل ڪشميري عوام جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي جائز جدوجهد ۾ او آءِ سي جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ وزيراعظم کي ان سلسلي ۾ او آءِ سي جي جاري س??ارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته او آءِ سي کي غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ عالمي برادري تي پنهنجو دٻاءُ جاري رکڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فلسطين مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ فلسطين جي عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ٻنهي ڌرين اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? و??ير اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.