اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تاريخ جو اهو ڪارو ڏي??هن آهي جڏهن هندستان عالمي قانون غيور ڪشميري عوام جي امنگن ۽ حقن کي پائمال ڪندي مسلم اڪثريتي آبادي تي مشتمل رياست ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪري ورتو، اِهو اَهو ڪارو ڏي??هن آهي جڏهن ڀارت ڪشميري عوام کي محڪو بڻائڻ لاءِ پنهنجي فوج ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لاٿي، وفاقي وزير 27 آڪٽوبر يوم سياهه جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته بهادر ڪشميري گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي ظلم، ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي کي م??هن ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ عظيم جدوجهد ڪري رهيا آهن.