اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي و??ري وفاقي وزير زرتاج گل چيو آهي ته گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي بابت فريم ورڪ ڪنوينشن پاڪستان جي گرين هائوس گئسن جي اخراج بابت ڊيٽا کي سائنسي لحاظ کان ڀارت جي مقابلي ۾ وڌيڪ قابل اعتبار قرار ڏنو آهي، موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم ک??ي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلين بابت اسٽي??ڊن?? ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌائي. اسٽي??ڊن?? ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي ميمبر منزه حسن جي صدارت ۾ ٿيو. زرتاج گل چيو ته پاڪستا?? پنهنجي محدود وسيلن ۽ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلين بابت فريم ورڪ ڪنوينشن جي مدد کانسواءِ آلودگي جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج کي روڪڻ جا ٺوس قدم ک??ي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان 1994ع کان گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلين بابت فريم ورڪ ڪنوينشن جو ميمبر آهي، جنهن اسرندڙ ملڪن کي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ مالي مدد، ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ سگهه وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، مملڪتي وزير چيو ته گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان جي باوجود موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم ک??ي رهيا آهيون.