اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وفاقي گا??ي واري شهر اسلام آباد مان سينيٽ ??ي سيٽ ??ي پاڪستان پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏه?? ته عبدالحفيظ شيخ کي 164 ووٽ مليا، 7 ووٽ رد ٿيا. رٽرننگ آفيسر ظفر ا??بال پولنگ ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي هال ۾ سينيٽ ??ي وفاقي گا??ي واري شهر مان ٻن خالي سيٽن تي پوولنگ ٿي. پولنگ جي شروعات صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. ڪل 342 جي ايوان ۾ 340 ميمبرن پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو. جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چترالي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو جڏه?? ته اين اي 75 ڊسڪه جي سيٽ ??الي آهي. رٽرننگ آفيسر جا فرض اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر ا??بال ادا ڪيا. قومي اسيمبلي هال کي بطور پولنگ اسٽيشن استعمال ڪيو ويو جتي ٻه پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا هئا. پولنگ بوٿ نمبر هڪ تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 1 کان اين اي 171 جڏه?? ته پولنگ بوٿ نمبر ٻه تي اين اي 172 کان اين اي 342 تائين ووٽ رکيا ويا هئا. وزيراعظم عمران خان ٻنپهرن جو 12 وڳي جي لڳ ڀڳ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، خواجه محمد آصف، علي وزير کي نيب ۽ پوليس جي حراست ۾ هجڻ جي ڪري اليڪشن ڪميشن جي خصوصي حڪمن تي ووٽ وجهڻ جي لاءِ پولنگ اسٽيشن تي آندو ويو. شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه ڪافي دير ا??وان ۾ موجود رهيو. ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي بيلٽ تي ٽِڪ ڪرڻ بدران صحيح ڪري ڇڏي جڏه?? ته بعد ۾ هن ٻيهر بيلٽ جي لاءِ رٽرننگ آفيسر وٽ ٻه جدا جدا درخواستون جمع ڪرايون جن تي هن فيصلو محفوظ ڪري ورتو. پولنگ جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف پاران ڪنول شوزب ۽ زين قريشي، مسلم ليگ (ن) پاران عطا تارڙ جڏه?? ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سيد نويد قمر ڳڻپ جي عمل ۾ شريڪ ٿيا. پهرين جنرل سيٽ ??ي وڌل ووٽن جي ڳڻپ ٿي، پهريون ڀيرو ڳڻپ مڪمل ٿيڻ تي زين قريشي جي چوڻ تي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي. جنهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر يوسف رضا گيلاني ڪامياب ٿيو.