اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪ??مت ايندڙ مهيني فوڊ سيڪيورٽي ب??بت هڪ جامع پلان جو اعلان ڪندي. نجي ب??نڪُون گهرن جي تعمير لاءِ 380 ارب روپيا قرض ڏينديُون، ماضي جي حڪ??متن گهرن جي اسڪيمن جي نالي تي ڪرپشن ڪئي، ورڪرز ويلفيئر فنڊ ڪرپشن جو مرڪز بڻيل رهيو، سمنڊ پار پاڪستانين جا ڪيس تيزي سان اڪلائڻ لاءِ خصوصي عدالتون ٺاهيون ويون آهن، قبضا گروپ جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، شهرن جو پکيڙ روڪڻ لاءِ ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، سنڌ حڪ??مت بنڊل آءِ لينڊ منصوبي لاءِ اجات نه ڏئي رهي آهي، اڳوڻين حڪ??متن آبي ذخيرا نه ٺاهي ملڪ تي ظلم ڪيو، هائوسنگ ۽ ٻين منصوبن جا ثمر جلد سامهون اچڻ شروع ٿي ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار صحافين سان ڳالهائيندي ڪ??و. ??زيراعظم چيو ته ڪا به حڪ??مت سمورن ماڻهن جي لاءِ گهر تعمير نٿي ڪري سگهي ۽ حڪ??مت جو ڪم صرف آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سهولت ڏيڻ آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجا گهر خريد ڪري سگهن. هن چيو ته پهريون ڀيرو گهرن جي تعمير جي لاءِ بئنڪن کي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي ۽ نجي ب??نڪ 380 ارب روپيا گهرن جي تعمير جي لاءِ قرض ڏينديون، 5 مرلي جي گهر تي 5 سيڪڙو جي شرح سان قرض ڏنو پيو وڃي ۽ ان کان وڌيڪ قرض تي حڪ??مت مدد فراهم ڪندي آهي، ان سلسلي ۾ هڪ لک گهرن تائين 3 لک روپيا في گهر سبسڊي ڏني پئي وڃي ۽ 21 لک جو گهر 18 لک روپين ۾ ملي سگهي ٿو ۽ ان طرح مسواڙ جي رقم قسطن ۾ ادائيگي جي صورت ۾ ڏئي سگهجي ٿي، وزيراعظم چيو ته فور ڪلويئر لا جو معاملو حل ٿيڻ ۾ 2 سال جو عرصو لڳي ويو آهي، حڪ??متي قدمن سان تعيمراتي شهبي کي فروغ حاصل ٿيندو، هن چيو ته ورڪرز ويلفيئر فنڊ ماضي ۾ ڪرپشن جو مرڪز هو، هتي سڀ ڪجهه ٿيندو هو پر مزدورن کي ڪجهه نه ملندو هو. 25 سال پراڻي اسڪيم موجوده حڪ??مت بحال ڪئي آهي ۽ اڍائي سالن ۾ ماڻهن کي گهرن جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي، ان تي سيد ذوالفقار ع??اس بخاري ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي پوري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.