اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي جمهوري ۽ چونڊ عمل هاڻي وڌيڪ ڪنهن اهڙي نظام کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي جتي نظام تي سوال اٿاريا وڃن، ماضي جي تجربي جي روشني ۾ چونڊ عمل کي هر ممڪن طريقي سان شفاف، محفوظ ۽ غيرجانبدار بڻائڻ جي ??اءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ جمهوريت جي ??فاد ۾ آهي، اليڪٽرانڪ مشين کي جديد سيڪيورٽي فيچر سان ليس ڪرڻ جي ??اءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن ۽ ترقي يافته ملڪن جي تجربي کي پڻ سامهون رکيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو.