اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان احساس لنگرخانن ۽ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ۾ سيلاني ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيندي پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لا??ِ حڪومت پاران هر ممڪن سهولت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن اها خاطري سيلاني ٽرسٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪرائي جنهن اس??ام آباد ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، سيلاني ٽرسٽ جي وفد ۾ بشير فاروق، افضل چمڊيا، منظر عالم، فرخ امين، عرفان واحد، سلمان اقبال، امتياز حسين ۽ يوسف لاکاڻي شامل هئا، ??ن موقعي تي قومي اس??مبلي ميمبر فرخ حبيب پڻ موجود هو. سيلاني ٽرسٽ وزيراعظم ??ي احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ان پروگرام جي دائري کي سگهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي. وزيراعظم ??حساس لنگرخانن ۽ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ۾ سيلاني ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لا??ِ حڪومت پاران هر ممڪن سهولت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.