اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي فلسطيني عوام تي اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي هڪ متفقه قرارداد جي منظوري ڏني آهي ج??هن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، او آءِ سي ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کان م??البو ڪيو ويو آهي ته فلسطين تي اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، فلسطينين جي نسل ڪشي، انهن جي پنهنجي علائقن م??ن جبري بيدخلي ۽ فلسطين ج?? آبادي ج?? تناسب کي تبديل ڪرڻ جي عمل کي فوري طور تي روڪيو وڃي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري ج??رل اسرائيلي حڪومت پاران فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشي ج?? ڏوهه جي جاچ جي لاءِ آزاداڻو انڪوائري ٽربيونل قائم ڪري. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪندي چيو ته هي ايوان اسرائيل پاران فلسطين جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ تي سخت ڳڻ??ي جو اظهار ڪري ٿو ۽ معصوم فلسطيني عوام تي منظم ظلم ۽ ڏاڍ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.