اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري بابت ذيل?? ڪميٽي (سي سي او پي) جي ??جلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس ميينجمينٽ ڪمپني لميٽڊ (اين پي پي ايم سي ايل) جي نجڪاري تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب ناڻي واري وفاقي وزير جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري بابت ذيل?? ڪميٽي جو اجلاس هتي فنانس ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وارو وفاقي وزير، وزيراعظم جو اداره جاتي س??ار?? وارو صلاحڪار، پاور بابت خاص مددگار، ايف بي آر چيئرمين ۽ ناڻي ۽ روينيو بابت خاص مددگار شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاور، پيٽروليم ۽ نجڪاري جي ??يڪريٽرين به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ ڪمپني لميٽڊ جي نجڪاري تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان حوالي سان ڪابينا جي ??وانائي بابت ڪميٽي، ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي ۽ سي سي سي جي فيصلن تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو ويو.