اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سيڙپڪاري، ثقافتي ۽ سفارتڪاري سميت مخ??لف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ، ٻه طرفي ناتن جي استحڪام لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل ۽ پاڪ سعودي پرڏيهي وزارتن ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي گڏيل ناتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي- پاڪستان اعليٰ مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. پاڪ سعودي پرڏيهي وزارت وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين بعد سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سا?? گڏجي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو ته اسان جا سعود ي عرب سا?? پراڻا ۽ تاريخي ناتا آهن، هن چيو ته اسان جون ٻه طرفن وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، اسان اقتصادي رابطن کي هٿي وٺائڻ، سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي خاص طور تي ڳالهيون ڪيون. شاه محمود قريشي چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ ناتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي- پاڪستان اعليٰ مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڏينهن هتي پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سپريم ڪو آرڊينيشن ڪائونسل جي جوڙجڪ تي ڳالهيون ٿيون. سپريم ڪائونسل جي ??م جي طريقيڪار ??ي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، ان حوالي سا?? ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارت جي آفيس ۾ ڌار ڌار فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويندا ته جيئن هڪٻئي جي ناتن کي ڏسڻ لاءِ ڍانچي جي سطح تي راهه هموار ٿي سگهي. شاه محمود قريشي چيو ته ٻئي ملڪ ميڊيا، انفارميشن، راندين ۽ ثقافتي شعبن ۾ به ناتن کي اڳيان وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته ويزن 2030ع تبديلي جو مظهر آهي، اسان تهذيبي رابطن کي هٿي وٺرائڻ چاهيون ٿا. نئين قيادت جي ويزن 2030ع تحت سعودي عرب تبديلي طرف ڏسي رهيو آهي ۽ ان شعبي ۾ ماضي ۾ ڪم ئي ناهي ٿيو. اسان ان ۾ پنهنجو ڪردار ??دا ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته لکين پاڪستاني سعودي عرب ۾ ترسيل آهن، جيڪي اتي پاڪستاني فلمن جي نمائش ڏسڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجي پسنديده گلوڪارن جي پرفارمنس مان لطف اندوز ٿيڻ چاهين ٿا. هي اهو شعبو آهي جنهن تي اسان ماضي ۾ ڪو به ڌيان ناهي ڏنو. هن چيو ته اسان مذهبي ناتن سا?? گڏوگڏ ثقافتي ناتن کي هٿي وٺرائڻ جا خواهشمند آهيون. موسمياتي تبديلين جي حوالي سا?? پرڏيهي وزير چيو ته گرين سعودي عرب ۽ گرين مڊل ايسٽ ۽ وزيراعظم عمران خان جي سوچ ڪلين گرين پاڪستان پاڻ ۾ هڪجهڙائي رکن ٿا. ماحولياتي ۽ موسمياتي شعبن ۾ سهڪار ??ڳيان وڌائي رهيا آهيون. هن چيو ته مون سعودي پرڏيهي وزير کي والاريل ڄمون ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ڪشمير مسئلي تي سعودي عرب جي حمايت تي سندس ٿورا مڃيا. اسان افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪيو. اسان ٻنهي جي افغانستان جي حوالي سا?? سوچ ۾ هڪجهڙائي نظر آئي. شاه محمود قريشي چيو ته ويڪسينيشن ۽ سفري مشڪلاتن جي حوالي سا?? به ڳالهيون ٿيون، اهي پاڪستاني شاگرد جيڪي سعودي عرب ۾ تعليم پرائڻ جي انتظار ۾ آهن، انهن جي سهولت ۾ سعودي پرڏيهي وزير سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. شاه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان هميشه پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن. هن چيو ته سي پيڪ رٿائن خاص طور تي اقتصادي زونز ۾ سعودي عرب جي ڪاروباري ڪمپنين لاءِ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن ۽ ان حوالي سا?? سعودي پرڏيهي وزير کي آگاه ڪيو آهي. ان موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود چيو ته پاڪ سعودي ناتن کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. ٻنهي ملڪن هميشه هڪٻئي جو سا?? ڏنو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگ??ار?? ڀائراڻا ناتا قائم آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطح تي ڳالهين کي هٿي وٺرائي ويندي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ اقتصادي سهڪار ??ا وسيع موقعا موجود آهن. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير چيو ته سعودي عرب ۾ لکين پاڪستاني ترسيل آهن، جيڪي سعودي عرب جي معيشت ۾ اهم ڪردار ??دا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته خطي جي سلامتي انتهائي عزيز آهي ۽ ان سلامتي لاءِ گڏجي ??م جاري رکيو ويندو.