اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاق?? وزير شوڪت فياض ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف 700 ارب جا نوان ٽي??س ۽ ڏيڍ سئو ارب روپين جو انڪم ٽي??س لڳائڻ جو چيو مون ان جي مخالفت ڪئي، سينيٽ جي سفارشن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، 15 ملين ماڻهن کي ٽي??س نيٽ ۾ آندو ويندو، کاڌي پيتي جي شين تي سيلز ٽي??س ختم ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث سهيڙيندي ناڻي وار?? وزير شوڪت ترين چيو ته ايف بي آر ڪنهن ٽي??س باقيدار کي گرفتار نه ڪندو پر پهرين ٿرڊ پارٽي جي ذريعي آڊٽ ٿيندو، پوءِ ضابطي جي ڪارروائي کانپوءِ گرفتاري جو فيصلو ٿيندو. هن چيو ته سينيٽ جي سفارشن کي بجيٽ جو حصو بڻايو ويندو، ناڻي وار?? وزير چيو ته آءِ ايم ايف 700 ارب جا نوان ٽي??س ۽ ڏيڍ سئو ارب روپين جا انڪم ٽي??س لڳائڻ جو چيو مون ان جي مخالفت ڪئي، هن چيو ته اسان ٽي??س نيٽ جي دائري ڪار کي وڌائينداسين جيڪي ماڻهو ٽي??س نٿا ڏين انهن کي ٽي??س نيٽ جي دائري ڪار ۾ آڻينداسين.