اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي 74 هين آزادي ??ي ڏه??ڙي جي موقعي تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ??يڊ??ا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري تصويري نمائش جو افتتاح ڪيو، اها تصويري نمائش 13 ۽ 14 آگسٽ 2021ع تائين جاري رهندي. افتتاحي تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ??طلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هر سال وانگر هن سال به اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪستان جي عوا?? ۾ 1947ع جي آزادي ??ي جذبي جي تازو ڪرڻ لاءِ ان نمائش جو انعقاد ڪيو. آزادي ??ي ڏه??ڙي جي حوالي سان ٿيندڙ اها تصويري نمائش قائداعظم محمد علي جناح جي فعال قيادت ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ نئين اسلامي رياست جي قيام لاءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ڊگهي جد??جهد ۽ لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿي. هن چيو ته ان نمائش جو بنيادي مقصد اهو آهي ته آزادي ??ي ڏه??ڙي ۽ قرارداد پاڪستان جي حوالي سان نئين نسل کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته پاڪستان ڇو اسان جي لاءِ ضروري هو ۽ اڄ به سڀني مسئلن جي باوجود ڪيتري وڏي نعمت آهي ۽ ان جي تحفظ، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ سال پاڪستان جي ناياب تصويرن کي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اپ گريڊ ڪيو ويندو. هن چيو ته نمائش ۾ رکيل ناياب تصويرون پاڪستان جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ اهميت رکندڙ هونديون. افتتاحي تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا.