اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ جرمني جي سفير برنارڊ چيو آهي ته افغانستان ۾ اس??حڪام، امن ۽ ترقي جي لاءِ دوحه امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، جنهن کي آمريڪا سميت عالمي برادري تسليم ڪيو آهي، افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت امن ۽ اس??حڪام جي لاءِ تمام ضروري آهي. پريس ريليز موجب ??ن چيو ته آمريڪا ۽ عالمي برادري پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪيو آهي ۽ جرمني به ان مثبت ڪردار کي ساراهي ٿو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مستقبل ۾ به افغانستان ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. ??ن چيو ته پاڪستان ط??لبان کي باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو افغانستان ۾ هڪ اتحادي حڪومت جوڙين. ??ن چيو ته پاڪستان کي خطي ۾ پنهنجي اهميت ۽ ڪ??دار جو چڱي ريت اندازو آهي. جرمن سفير چيو ته ڪابل ۾ سڀني ڌڙن تي ٻڌل هڪ ٺوس حڪومت هن ملڪ ۾ امن ۽ اس??حڪام جي لاءِ تمام ضروري آهي. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ڪردار بابت هڪ سوال تي جرمني جي سفير چيو ته انهن مان ڪو به افغانستان ۾ عدم اس??حڪام نه ٿو چاهي ڇو ته اهو سياسي تباهي جو ڪارڻ ثابت ٿيندو. ??ن چيو ته جيڪڏهن ڪجهه ملڪن جا مفاد ۽ تناظر مختلف آهن جيڪي قابل فهم آهن پر سڀ حقيقي معنيٰ ۾ سمجهن ٿا ته افغانستان ۾ امن ۽ اس??حڪام سڄي خطي جي مفاد ۾ آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير هيڪوماس جي تازي پاڪستان جي دوري بابت هڪ سوال جي جواب ۾ سفير چيو ته سندس دورو پاڪستان سان گڏيل لاڳاپن ۽ خطي ۾ جاري صورتحال بشمول افغانستان بابت هو.