اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يالڪوٽ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪالهه کان سوچي رهيو هئس ته سيالڪوٽ واقعي تي ڇا لکان، لفظ ته بي عمل ٿي ويا آهن، اهڙا واقعا رڳو 48 ڪلاڪن ۾ اسان کي تڪليف ڏين ٿا، پوءِ سڀ نارمل ٿي وڃي ٿو ۽ ايستائين ??حساس دفن رهي ٿو جيستائين ??ڳيون واقعو نه ٿئي، اها بي حسي وڏي طوفان جي اڳڪٿي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي آڏو ملڪن ۾ رت جا درياءَ وهي ويا، اسان معاشري ۾ ٽائم بم لڳائي ڇڏيا آهن، انهن بمن کي ناڪاره نه بڻايو ته اهي ڦاٽندا. اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته وقت واريءَ وانگر ??ٿن مان نڪري رهيو آهي تمام گهڻو ڌيان گهرجي تمام گهڻو ڌيان.