اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي ه??ءِ ڪميشن جي سينئر سفارتڪار کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري ڪرتار پور گوردواره درٻار صاحب ۾ هڪ انفرادي واقعي تي ڀارتي شرانگيز واويلا کي رد ۽ بي بنياد پروپيگنڊا تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي سفارتڪار کي ٻڌايو ويو ته اقليتن ل??ءِ غير محفوظ ۽ بدنام ترين ڀارت کي اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ زيب نٿو ڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مو??ب ڀارتي سفارتڪار کي ٻڌايو ويو ته ان واقعي کي فوري ط??ر تي حل ڪيو ويو ۽ وضاحت ڪئي وئي. حڪومت پاڪستان اقليتن جي حقن کي سڀني کان وڌيڪ ترجيح ڏيندي آهي، پاڪستان ۾ هر ڪميونٽي جي مذهبي ۽ مقدس ماڳن جي تقدس کي يقيني بڻايو ويو آهي. ڀارتي سفارتڪار کي چيو ويو ته هو نئين دهلي حڪومت تي زور ڏئي ته هو هندستان ۾ اقليتن سان منظم ظلم ۽ ستم جي انهن واقعن جي تح??يقات ڪري جيڪي رياستي سرپرستي ۾ جاري آهن، اقليتن کي منظم طريقي سان پسماندگي ۽ بربريت جي پيش نظر، هندستان وٽ ڪٿي ??ه اقليتن جي ل??ءِ ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ ل??ءِ ڪو به ٺوس موقف نه آهي. اقليتن جي ل??ءِ غير محفوظ ۽ بدنام ترين ڀارت کي اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ زيب نٿو ڏي، ڀارتي عملدارن کي پنهنجي اقليتن جي تح??ظ ۽ عبادتگاهن جي بي حرمتي، نفرت انگيز ڏوهن ۽ تشدد جي روڪٿام ل??ءِ قدمن کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.