اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مستقبل ۾ اهي ئي قومون طاقتور ٿينديو?? جيڪي دنيا ۾ بهترين ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻنديون، پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جون پنجون وڏو ملڪ آهي پر ٽيڪنالاجي ۾ تمام گهڻو پـٺتي آهي، پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري سطح تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم جي فروغ تي ڌي*ان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملٽري ڪاليج آف سگنلز ۾ 28 هين سندون ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته تعليم مڪمل ڪندڙ شاگرد?? کي انه?? جي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، نسٽ دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ آهي، هن چيو ته اڄ پنهنجي تعليم مڪمل ڪندڙ نوجوان?? جي لاءِ مستقبل جي عزم جو ڏينهن آهي، اهي محنت ۽ شوق سان پنهنجي خاندان ۽ ملڪ جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي پر ٽيڪنالاجي ۾ تمام گهڻو پٺتي آهي، هن چيو ته اسا?? جي ٻارن جو وڏو تعداد اسڪولن کان ٻاهر آهي، ماضي ۾ ان معاملي کي نظرانداز ڪيو ويو تنهن هوندي به هاڻي پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري سطح تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني مزدورن جو وڏو تعداد خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ٿي رهي هجي ها ته ۽ دبئي ۽ سنگاپور وانگر عمارتون تعمير ڪيون وڃن ها ته اهي ماڻهو روزگار لاءِ ٻاهرين ملڪ نه وڃن ها. اهڙي طرح 70 کان 90 جي ڏهاڪن دوران اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ پروفيشنلز کي نوڪرين جا مناسب موقعا ميسر نه هئا جنه?? جي ڪري انه?? کي نوڪرين لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻو پيو، هن چيو ته اشار?? جي زبان جو زندگي ۾ اهم ڪردار آهي، 70 سيڪڙو ماڻهو اشار?? جي زبان سمجهندا آهن، صدر چيو ته اڄ جي صحافت اخلاقي طور تي زوال پذير آهي. پس منظر کي سمجهڻ کانسواءِ خبرن سان بيانيو هڪدم بدلجي ويندو آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن بار بار ٽيڪنالاجي جي وسيلن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ڇو ته مستقبل ۾ اهي قومون طاقتور هونديو?? جيڪي دنيا ۾ بهترين ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻنديون. هن چيو ته دفاعي شعبي سميت سمورن ادار?? جي لاءِ سائبر سيڪيورٽي اهم آهي، سمورن ادارن ۾ سائبر سيڪيورٽي ماهر?? جي ضرورت آهي. اسا?? کي ماهرن سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي جي ماهر تعليم يافته ماڻه?? جي ضرورت آهي. ان مقصد جي لاءِ لکين ماڻه?? کي تربيت فراهم ڪرڻ ضروري آهي. فاصلاتي تعليم سميت مختلف طريقن مان اهو مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ڊجيٽل اسڪلز جو آغاز ڪيو جنهن ۾ 20 ماڻهن داخلا ورتي ۽ 16 لک پهريون مرحلو عبور ڪري چڪا آهن. ان ڏس ۾ سڀني لاءِ پرائمري تعليم ۽ هڪجهڙو تعليمي نظام ضروري آهي ته جيئن قومي سطح تي هم آهنگي پيدا ڪري سگهجي. انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت ٻار?? کي ننڍپڻ ۾ تربيت ڏيڻ ضروري آهي، هن چيو ته ڊيٽا پروٽيڪشن جديد دور جي ضرورت آهي، ان حوالي سان قانونسازي به ضروري آهي. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران هنگامي صورتحال ۾ مختلف ادارن هڪ ٻئي سان ڊيٽا شيئر ڪيو جنهن سان بهترين فيصلي سازي ۾ مدد ملي . نادرا اٿارٽي جي نئين قانو?? جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت نادرا ضرورت پوڻ تي ڊيٽا حاصل ڪري سگهي ٿو، صدر چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جيتري ڊيٽا آهي ايتري اهليت نه آهي. پاڪستا?? جي پنج سيڪڙو ڊيٽا تائين پهچ حاصل آهي، هن چيو ته تيل قيمتي آهي پر ڊيٽا ان کان وڌيڪ قيمتي آهي، هن چيو ته پاڪستان تي روزاني سائبر حملا ٿيندا آهن، انهن حملن جو ڪنهن ننڍي وڏي ملڪ سان تعلق ناهي هوندو پر اهو ٽيڪنالاجي جي ذريعي ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي لاءِ بهترين سوچ رکندڙ سمارٽ ۽ قابل ماڻه?? جي ضرورت آهي. انساني وسيلن تي تعليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي سخت ضرورت آهي. ملڪ جي نوجوان?? کي ذهانت طرف متوجهه ڪري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو ويندو آهي. هن تعليم مڪمل ڪندڙ نوجوانن تي زور ڏنو ته هو ڪمزور طبقن جو خيال رکن، ڪورونا وبا جي دوران معاشري جي ڪمزور طبقن سان يڪجهتي جو اظهار ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ويو جنهن سان ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪمانڊٽ ملٽري ڪاليج آف سگنلز برگيڊيئر سيد علي رضا ڪامياب ٿيندڙ شاگرد?? کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي سان شعبي جي ترقي سان سائبر سيڪيورٽي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن ڪاليج جي ڪاميابين ۽ مستقبل جي منصوبن تي به روشني وڌي، ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم مڪمل ڪندڙ شاگردن ۾ سندون ورهايون، شاگرد?? کي مختلف شعبن ۾ شاندار ڪاميابي ڏيکارڻ تي مختلف ايوارڊز سان نوازيو ويو. انهن ايوارڊز ۾ پريذيڊنٽ گولڊ ميڊل ايوارڊ ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ايوارڊ، چانسلر سول ميڊيل سان نوازيو ويو. ڪيپٽن احسن بلال طارق پريذيڊنٽ گولڊ ميڊل ايوارڊ ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ايوارڊ ٻئي حاصل ڪيا.