اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فا??سٽ هندو توا ڀارت جو اصل چهرو هاڻي دنيا جي سامهون اڀري اچي رهيو آهي، ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي دنيا کي ڀارت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو. ڀارت ۾ مڌر ٽريسا جي خيراتي اداري جا اڪائونٽس منجمند ڪر?? جي خبر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فا??سٽ هندو توا ڀارت جو اصل چهرو هاڻي دنيا جي سامهون اڀري اچي رهيو آهي، قانون هٿ ۾ کڻي مشتعل هندو گروپن ڪيترن ئي ڀارتي علائقن ۾ ڪرسمس تقريبن ۾ خلل وڌو، انتهاپسندن سانتا ڪلاز جو پتلو ساڙيو، ڪرسمس تقريبن ۽ مذهب مٽائ?? جي خلاف نعرا هنيا، هن چيو ته ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي دنيا کي ڀارت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو.