اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي تعزيت ڪئي. صدر 30 ڊسمبر 2021ع تي اتر وزير??تا?? ۾ سرچ آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ فوجي اهلڪارن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر قوم جي لاءِ قرباني ۽ خدم??ن تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر حوالدار محمد منور ۽ سپاهي محمد شيراز جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي ذڪاءُ الله ۽ سپاهي فرحان جي پونئيرن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي 5 جنوري تي ٽانڪ ضلعي ۾ سرچ آپريسن دوران شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي شعيب حسن ۽ سپاهي فريدالله جي پونئيرن سان رابطو ڪيو. صدر ڪيچ ضلعي بلوچ??تا?? ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ منظور عباس ۽ سپاهي عبدالفتح جي وارثن سان پن تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊيره اسماعيل خان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي الياس جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.