اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت مشڪل فيصلا ڪري معيشت کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو، پي ٽي آءِ حڪومت سدائين انصاف ۽ قانون جي بالادست?? ۽ ??ريب جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو آهي، اسان جي دور ۾ رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪيو ويو جنهن کي عوامي ڀلائي تي ئي خرچ ڪيو ويو، هن قومي اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتن ۾ ڪيو. وزيرا??ظم سان ملاقات ڪندڙن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر لال چند، شهنيلا روٿ، جئه پرڪاش، جمشيد ٿامس، چوڌري محمد عدنان، اعجاز خان جازي، صاحبزاده صبغت الله، محبوب شاهه، محمد بشير خان، جنيد اڪبر، صالح محمد، مجاهد علي، ملڪ انور تاج، ناصر خان موسيٰ زئي، شهريار آفريدي، ملڪ فخر زمان خان، خرم شهزاد، راحت امان الله ڀٽي، ملڪ ڪرامت علي، راءِ محمد مرتضيٰ اقبال، ظهور حسين قريش?? ۽ ??يفران وارو وزير صاحبزاده محبوب سلطان شامل هو. قومي اسيمبلي ميمبرن وزيرا??ظم تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ملاقاتن ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائ?? ۽ ??ياسي معاملا غور هي?? آيا. ان موقعي تي وزيرا??ظم چيو ته پي ٽي آءِ جي مقبوليت جو اندازو تازن جلسن ۾ عوام جي وڏي انگ ۾ شموليت مان لڳ??ئي سگهجي ٿو، پي ٽي آءِ حڪومت سدائين انصاف ۽ قانون جي بالادست?? ۽ ??ريب جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت مشڪل فيصلا ڪري معيشت کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو، غريب طبقي کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاڻ وڏي سبسڊي برداشت ڪري رهي آهي. وزيرا??ظم چيو ته اسان جي دور ۾ رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪيو ويو جنهن کي عوامي ڀلائي تي ئي خرچ ڪيو ويو، سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي آندي وئي ته جيئن اهو ئي پئسو ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪورونا وبا عالمي معيشت کي نقصان پهچايو جڏهن ته اسان جي حڪومت جي پاليسين کي ساراهيو ويو، زراعت، تعميرات، وڏين صنعتن، روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ تاريخي اضافو اسان جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو. وزيرا??ظم چيو ته قومي صحت ڪارڊ، ڪامياب پاڪستان پروگرام، احساس پروگرام، ڪامياب جوان پروگرام، نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام، آبادگار ڪارڊ غربت جي خاتمي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ حڪومت جا انقلابي قدم آهن. هن چيو ته حڪومت سمورا فيصلا ملڪ جي بهتر?? ۽ ??وام جي ڀلائي کي نظر ۾ رکي ڪندي آهي. وزيرا??ظم قومي اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.