اسل??م آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ٽيلي ويزن 4 ارب روپين جو روينيو ٽارگيٽ حاصل ڪيو آهي جيڪو تاريخ جو سڀ کان وڏو روينيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پي ٽي وي جڏهن ??سان کي ملي ته مڪمل ڏيوالو نڪتل هئي، اسان مختصر عرصي ۾ پي ٽي وي جي ٻن چئنلز کي ڊجيٽل ڪيو ۽ پي ٽي وي جو بزنس ماڊل ٺاهي ڇڏيو جنهن ??ي ڪري پي ٽي وي اڄ انهن ??دارن ۾ شامل آهي جيڪي منافعي ۾ آهن. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 22 پريس ڪلب هن ??ال ڊجيٽل اسٽوڊيوز ۽ ليب جي لاءِ چونڊيا ويا آهن ??نهن پريس ڪلبن کي ماڊرن اسٽوڊيو ۽ ايڪيوئپمنٽ ملندو جنهن ??ان مقامي صحافي ڊجيٽل صحافت جا جديد رموز استعمال ڪري سگهند??، ان اسڪيم ۾ فرنيچر ۽ سائونڊ سسٽم به اپ گريڊ ڪيا ويندا، وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پهرين مرحلي ۾ انهن 22 پريس ڪلبن جي فهرست به شيئر ڪئي جنهن ۾ ڊجيٽل اسٽوڊيوز جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. انهن پريس ڪلبن ۾ حيدرآباد پريس ڪلب، سکر پريس ڪلب، بدين پريس ڪلب، ٺٽو پريس ڪلب، ملتان پريس ڪلب، فيصل آباد پريس ڪلب، ميانوالي پريس ڪلب، جهلم پريس ڪلب، لاهور پريس ڪلب، جهنگ پريس ڪلب، ڪوئيٽا پريس ڪلب، تربت پريس ڪلب، گوادر پريس ڪلب، حب پريس ڪلب، پشاور پريس ڪلب، چترال پريس ڪلب، بنون پريس ڪلب، ايبٽ آباد پريس ڪلب، اسڪردو پريس ڪلب، گلگت پريس ڪلب، مظفر آباد پريس ڪلب ۽ نيشنل پريس ڪلب اسل??م آباد شامل آهن.