اسلام آباد – 05 211; ??پريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين، بل گيٽس خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن پا??ست??ن جي پهرين دوري جي والهاڻي استقبال تي صدر جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته منهنجي لاءِ ”هلال پا??ست??ن“ حاصل ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب بل گيٽس پنهنجي خط ۾ پا??ست??ن جي هر ٻار جي صحت ۽ بهبود جي تحفظ لاءِ صدر جي عزم کي ساراهيندي چيو ته پا??ست??ن جي ايندڙ نسلن لاءِ پوليو کان پاڪ مستقبل يقيني بڻائڻ جو ڪم واکاڻ جوڳو آهي. هن چيو ته پا??ست??ن پوليو وائرس جي خلاف جنگ ۾ قابل ذڪر اڳڀرائي ڪئي آهي، هڪ سال کان وڌ??ڪ عرصي ۾ پا??ست??ن ۾ ڪو به نئون ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو، پوليو تي پا??ست??ن جي مسلسل ڪوشش ملڪ جي ترقي کي تيز ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. بل گيٽس چيو ته ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، غذائيت جي کوٽ جهڙن موضوعن تي ڳالهه ڪري خوشي ٿي. خانداني منصوبابندي جي خدمتن تائين پهچ، احساس سماجي تحفظ جي پروگرام ک?? موثر بنائڻ تي ڳالهه ٿي، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته گڏيل دلچسپي جي ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پا??ست??ن سان حصيدار جو منتطر آهيان.