اسلام آباد – 19 – اپريل (??ي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف روزيدارن جي لاءِ وڏي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪندي عيد تائين 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 550 ما?? گهٽ ڪري پنجاب ۾ 400 رپيا ۽ رمضان بازار ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت 75 رپين ما?? گهٽ ڪري 70 رپيا مقرر ڪرڻ جي هدا??ت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو آهي ته باقي صوبا به اهي قيمتون مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. هن هدا??ت ڪئي ته پنجاب اٽي ۽ کنڊ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بلوچستان ۽ آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير جي امداد ڪري. هن چيو ته وفاقي حڪومت ضرورت موجب بلوچستان کي اضافي ادائيگي ڪندي.