اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خا?? جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي فوري ڪارروائي ڪندي گهرو وزا??ت اڳوڻي وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي لاءِ سخت حفاظتي قدم?? جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عمران خان کي سيڪيورٽي ٿريٽ جي اطلاع تي گهرو وزارت کي فوري ۽ موثر قدم کڻڻ جي سخت هدايت جاري ڪندي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ ۽ حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم جي حڪمن تي گهرو وزارت فوري طور تي حرڪت ۾ اچي وئي آهي ۽ چئني صوبن کانسواءِ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستا?? جي هوم سيڪريٽرين کي هنگامي خط لکيا ويا آهن جنهن ۾ عمران خا?? جي لاءِ سخت حفاظتي قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي پڻ ان سلسلي ۾ ضروري هدايتون جاري ڪيون آهن. پنهنجي هنگامي خط ۾ گ??رو وزارت چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ عمران خان جتي به وڃي ا?? جي سخت سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي. گهرو وزارت عمران خا?? جي بني گالا رهائشگاهه تي بم ناڪاره بڻائڻ سميت ٻين ضروري سيڪيورٽي قدمن يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. گهرو وزارت هدايت ڪئي آهي ته عمران خا?? جي جلسن، جلوسن ۽ عوامي سرگرمي?? جي دوران سيڪيورٽي بابت ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.