ڪوئيٽا – 23 – اپريل (ا?? پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، صوبي جي معدني وسيلن تي سڀ کان پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي، آف گرڊ منصوبن سان بلوچستان ۾ بجلي جي کوٽ جو مسئلو حل ڪيو ويندو، جيستائين بلوچستان ترقي ۾ باقي صوبن تائين نه ٿو پهچي وڃي تيستائين آئون سک سان نه ويهندس، جاري ترقياتي منصوبن جي مانيٽرنگ يقيني بڻائي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بلوچستان جي انتظامي صورتحال تي جائزه اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ وزيراعظم کي بلوچستان جي سيڪريٽري پاران صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، امن امان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي اج??اس ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ هن وقت آبادي جو هڪ وڏو حصو غربت جي لڪير کان هيٺ آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب روزگار جا موقعا گهٽ هجڻ آهي، ان حوالي سان حڪومت مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ جاري منصوبن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني پئي وڃي. اج??اس ۾ شرڪت ڪندڙن پاران تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. اج??اس ۾ پوري صوبي جي لاءِ هڪ ٺوس پئڪيج جي اعلان جي تجويز ڏنيو ئي، ڪوسٽل هاءِ وي جي ڀرپاسي سياحت جو فروغ، مقامي افرادي قوت جي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي ادارن جو قيام پڻ تجويزن شامل آهي. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي بلوچست??ن دوري تي ڀليڪار چيو ۽ حڪومت جي بلوچستان جي ترقي کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم صوبائي ڪابينا جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??، بلوچستان جي باصلاحيت افرادي قوت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن جي مانيٽرنگ يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته آف دي گرڊ منصوبن سان بلوچستان ۾ بجلي جي کوٽ جو مسئلو حل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته جيستائين بلوچستان ترقي ۾ باقي صوبن تائين نه ٿو پهچي وڃي تيستائين آئون سک سان نه ويهندس، ان ۾ مون کي بلوچستان ڪابينا جو تعاون گه??بل آهي، منصوبن تي عملدرآمد توهان جي تعاون سان يقيني ٿي سگهندو، بلوچستان جي معدني وسيلن تي سڀ کان پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آه??، بلوچستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ وظيفن جو سلسلو جيڪو رڪجي ويو هو آئون ان ک ٻيهر شروع ڪندس. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جو اتر ۽ ڏکڻ سان ڪو غرض نه آهي، اسان کي بلوچستان جي پٺت?? پيل علائقن جي ۽ پوري صوبي جي مجموعي ترقي جي لاءِم ڪم ڪرڻو آهي. اج??اس ۾و فاقي وزيرن احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مولانا واسع، نوابزاده شاهه زين بگٽي، اسرار ترين، بلوچستان جي وقتي گورنر جان محمد جمال??، بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو، صوبائي وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.