اسلام آباد – 06 –; مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ کنڊ جي موجوده قيمت تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٽن سا??ن کانپوءِ ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ گ??ٽتائي ٿي آهي جيڪو عوام جي لاءِ هڪ وڏو ريليف آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سا?? اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو سيڪريٽري پڻ شريڪ هو. وزيراعظم ملڪ ۾ کنڊ جي موجوده قيمت تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٽن سا??ن کانپوءِ ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ۾ گ??ٽتائي ٿي آهي جيڪو عوام جي لاءِ هڪ وڏو ريليف آهي. وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سا?? پاسڪو کي ڪيش ڪريڊٽ جي حوالي سا?? سهولتون ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي.