اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ آءِ ٽي جي شعبي سان لاڳاپيل انساني وسيلن کي فعال بڻائڻ ۽ هنرمند افرادي قوت کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي آهي ته پاڪستان فر?? لانسنگ جي شعبي تي ڌيان ڏئي تمام گهڻي ترقي ڪري سگهي ٿو، صدر اهڙن خيالن جو اظهار فر?? لانس فيسٽ کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته فر?? لانس ۾ نوجوان نسل لاءِ اڳتي وڌڻ جا بي پناهه موقعا موجود آهن، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن آءِ ٽي جي شعبي جي ڪري ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن، صدر چيو ته دنيا ۾ فر?? لانسرز جي تمام گهڻي ضرورت آهي، حڪومت کي فر?? لانسرز ج?? لاءِ رقم جي وصولي جي حوالي سان پليٽ فارم مهيا ڪرڻ گهرجي، صدر چيو ته انٽرنيٽ مڊل مين جي ڪردار کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ آءِ ٽي تي ڪو به ٽيڪس نه آهي، هن آءِ ٽي جي شعبي سان ڳنڍيل ماڻهن تي زور ڏنو ته هو ان شعبي مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي پاڪستان آڻين ۽ ان کي پنهنجي ڪاروبار ۾ سگهه ڏيڻ لاءِ استعمال ڪن. صدر چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا نتيجا فوري طور تي برآمد ٿي رهيا آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي انساني وسيلن کي فعال بڻايو وڃي ۽ ان جي اسڪل اسٽيٽس کي وڌائڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن. هن چيو ته آءِ ٽي جي فر?? لانس ج?? لاءِ ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ بهترين موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، حڪومت کي انهن کي سهولت پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، صدر چيو ته سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ??مي??ن (ايس اي سي پي)، اسٽيٽ بئنڪ ۽ پي ٽي اي جو ان ۾ تمام گهڻو اهم ڪردار آهي. انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ملڪ ۾ آءِ ٽي جي فروغ ۽ ان جي ترق?? لاءِ بهترين ڪم ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جو ڪم آهي ته هو پاڪستان ۾ فر?? لانسنگ جي شعبي ۾ ترق?? لاءِ رستن جو تعين ڪري، صدر نوجوانن کي چيو ته هو آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجو هنر بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪن، ملڪ ۾ فر?? لانسنگ ۾ نوجوانن ج?? لاءِ اڳتي وڌڻ جا زبردست موقعا آهن ۽ پاڪستان فر?? لانسنگ جي شعبي تي ڌيان ڏئي مستقبل ۾ تمام گهڻو ترقي ڪري سگهي ٿو. صدر نوجوانن کي چيو آهي ته هو آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجو هنر بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪن، ملڪ ۾ فر?? لانسنگ ۾ نوجوانن لاءِ اڳتي وڌڻ جا زبردست موقعا آهن ۽ پاڪستان فر?? لانسنگ جي شعبي تي ڌيان ڏئي مستقبل ۾ تمام گهڻي ترقي ڪري سگهي ٿو، ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو ته ڊجيٽل اسڪلز پروگرام به فر?? لانسرز جي تربيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان پروگرام سان 6 مهينن ۾ 24 لک ماڻهو فائديمند ٿيا آهن، ان پروگرام ۾ مڊل کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين جي ماڻهن حصو ورتو ۽ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن ان امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، فر?? لانسنگ سان ڳنڍيل ماڻهو پاڪستان ۽ ملڪ کان ٻاهر به روزگار ڪمائڻ جي به قابل ٿي ويندا آهن، پاڪستان ۾ رهندي ٻاهرين ملڪ ڪم ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته گهٽ تعليم يافته ماڻهو به آءِ ٽي جي شعبي ۾ هنرمند بڻجي روزگار ڪمائي سگهن ٿا. اسان جي عورتن لاءِ به بي پناهه موقعا آهن، ان شعبي ۾ هنرمند عورتون گهر ويٺي روزگار ڪمائي رهيو آهي، جنهن جي اسان حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون، انٽرنيٽ جي ذريعي ليڊي ڊ??ڪٽ??ز عورتن کي گهر ويٺي مشورا ڏئي سگهن ٿيون ۽ دوائن جي باري ۾ ٻڌائي سگهن ٿيون، فر?? لانسنگ سيڪٽر عورتن لاءِ موقعا پيدا ڪري رهيو آهي، دنيا ۾ 47 ڪروڙ ف?? لانسرز آهن، جنهن مان ساڍا 9 ڪروڙ رجسٽرڊ پليٽ فارمز تي موجود آهن، ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ تقريبن 30 لک فر?? لانسرز آهن جنهن ۾ هر سال 30 سيڪڙو اضافو ٿيندو. هن آءِ ٽي جي وزارت کي مبارڪون ڏيندي چيو ته هن بهترين ڪم ڪيو آهي آءِ ٽي جي وزارت ملڪ ۾ ان حوالي سان موقعا کوليا آهن، صدر جو مصنوعي ذهانت ۽ ڪمپوٽنگ جو انيشي ايٽو به هڪ رستو آهي جنهن جي ذريعي فر?? لانسنگ کي بهتر ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان هن وقت فر?? لانسنگ جي حوالي سان چوٿين نمبر تي آهي، آءِ ٽي ۾ آمدني فوري طور تي شروع ٿيندي آهي، صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جو فر?? لانسنگ ۽ آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو