هنزه – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاڳاپيل عملدارن کي انساني ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ مستقبل ۾ جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنزه ششپر گليشيئر کان متاثر علائقي جي د??ري جي موقعي تي ڪيو. صدر کي حسن آباد ايف ڊبليو ڪ??مپ ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ايف ڊبليو او جي اعليٰ عملدارن پاران بريفنگ ڏني وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ت?? ماحولياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي ڪري گليشيئرز جي پگهڙڻ ۾ تيزي آئي آهي، لاڳاپيل عملدار انساني ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار رهن، سمورا ممڪن حفاظتي قدم کڻن. هن چيو ته گلگت بلتستان جي ماڻهن کي قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان کان بچائڻ جي لاءِ سمورن ??دا??ن کي هاءِ الرٽ رهڻ گهرجي، لاڳاپيل ??دا??ا اهڙن واقعن جي وقت سر روڪٿام ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻن. هن چيو ته متاثر پل جي ف??ري تعمير ۽ متاثرين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ششپر گليشيئر جي متاثرين جا مطالبا حل ڪرڻ جي لاءِ ف??ري قدم کنيا وڃن. صدر کي ششپر گليشيئر جي پگهڙڻ، ممڪن خطرن، حسن آباد ۾ تعمير هيٺ آر سي سي پل ۽ ٻين مواصلاتي انتظامن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. صدر هنگامي حالتن ۾ عوام کي جاني ۽ مالي طور تي تحفظ فراهم ڪرڻ تي ايف ڊبليو او، جي پي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ضلعي انتظاميا جي قدمن کي ساراهيو.