سرگوڌا – 03 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو سڀاڻي 5 آگسٽ تي ملهايو ??يندو، ان ڏس ۾ انتظامن ۽ پروگرامن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ جائزه اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ??يڊڪوارٽر ارشد احمد وٽو جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته 5 آگسٽ جمعته المبارڪ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي شروعات سمورين سرڪاري آفيسن ۾ صبح 9 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ سا?? ٿيندي، ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت جي لاءِ صبح 10 وڳي آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس ۾ سيمينار من??قد ڪيو ??يندو جنهن جا شرڪت ڪندڙ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌندا. سيمينار کانپوءِ شرڪت ڪندڙ ڊي پي او چوڪ تائين ڪشميرين سان يڪجهي جي اظهار لاءِ هڪ وڏي ريلي پڻ ڪڍندا. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته ڊائريڪٽر ڪاليجز گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج چاندني چوڪ ۽ گورنمينٽ انبالا مسلم ڪاليج ۾ پڻ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان مذمتي پروگرام من??قد ڪيا ??يندا. اهڙي طرح تعليمي ادارن ۾ به شاگردن کي ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي حوالي سان آگاهي جي لاءِ خصوصي پروگرامز من??قد ڪيا ??يندا. اجلاس ۾ سمورن لاڳاپيل کاتن کي ان ڏس ۾ ذميواريون ڏنيون ويون.